شاهانا ڪلام

شاهانا ڪلام

شاهانا ڪلام

شاهانا ڪلام (ڪتاب): لطيفيات جي موضوع تي هيءُ ڪتاب مولوي عبدالڪريم چشتيءَ جو آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي ڪلام جي مضمون وار شرح ۽ سمجهاڻيءَ سان بيت ڏنل آهن. هن ڪتاب جي پهرين باب ۾، شاهه جي شاهاڻي شخصيت، باب ٻئين ۾ شاهه جي شاهانه ڪلام جو نمونو ۽ ان جي مختصر سمجهاڻي، باب ٽئين ۾ شاهه صاحب بابت چند واقعات جون روايتون، باب چوٿين ۾ حضرت شاهه صاحب جون مناجاتون، باب پنجين ۾ شاهه جو شاهاڻو سخن ۽ باب ڇهين ۾ ڪلام جي پاڪيزگي ۽ تخيل جي بلندي شامل آهن.
ڪرائون سائيز جي هن 46 صفحن تي مشتمل ڪتاب کي فدا احمد ولد عبدالڪريم چشتي، بخاري پريس لکي در، شڪارپور مان 1959ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو